SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ڏند ڪٿا


:جامع سنڌي لغات ۾

ڏند ڪٿا

ڏندَ ڪَٿَا جمع ڏندَ ڪَٿائُون

ث. بي بنياد ڳالهه ، خيالي قِصو ، بناوتي ڳالهه ، مَن گهَڙَت ڳالهه ، قياس آرائي ، ڪوڙو قصو. ٽوٽڪو ، پراڻي ڳالهه ، وارتا ، حڪايت ، آکاڻي ، ڪهاڻي ، روايت ، سمرتي ، اِتِهاسُ.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

ڏند ڪٿا

(Mythology)

تاريخ کي پڙهڻ پروڙڻ سان خبر پوي ٿي ته تاريخ انساني جدوجهد، ارتقا، سماجي تبديلين جي حقيقي ۽ سچي روداد آهي، جنهن ۾ پراڻي قبائلي نظام کان غلاميءَ جي دور، غلاميءَ جي دور کان جاگيرداري, جاگيرداريءَ کان سرمائيداريءَ دور ۽ ان کان سوشلزم ڏانهن انساني سفر جا سچاداستان ملن ٿا. پر اهي واقعا لکڻ کان اڳ زباني روايتن ذريعي پکڙيا ته انهن ۾ غير حقيقي ڳالهيون به شامل ٿينديون ويون. ان ڪري انهن کي ’روايتي تاريخ‘ چيو ويو. قديم يونان کان وٺي مشرق تائين هر ٻوليءَ ۾ اهڙا قصا، لوڪ ڪهاڻيون، واقعا، مذهبي، سياسي، سماجي ۽ معاشي روايتون حادثا بيان ٿيل هوندا آهن ، جن کي موجوده ذهن قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو. اهڙن قصن ۽ ڪهاڻين کي خيالي قصا، مائٿولاجي يا ڏند ڪٿائون چيو ويندو آهي. ڏند ڪٿائي قصن کي ’ديو مالائي قصا‘ به چيو ويندو آهي. ڏند ڪٿائن ۾ اڪثر ديو، پريون، ديوتا، اوتار، پراسرار مخلوق خاص طور هوندا آهن. ادبي محققن جو خيال آهي ته ڏند ڪٿائون ئي اوائلي ادب جي تخليق جو ڪارڻ آهن.


انگريزي-سنڌي ڊڪشنريءَ مان:


ڏند ڪٿا

Legendary


سنڌي چوڻين مان (سنڌيءَ کان انگريزي) :


ڏند ڪٿا

ڏَند ڪٿا

Tradition.


ٻارن جي لغت مان

ڏند ڪٿا

گرامر noun

- اسم

myth


.


ڏند ڪٿا بابت وڌيڪ اصطلاح

  • داستان، افسانو، ڏند ڪٿا
  • قصو، ڪهاڻي، ڏند ڪٿا

  • Remember Me Also:

    مٿو پٽ سان لڳڻ

    مٿو پَٽَ سان لڳڻُ

    سيکت پائڻ، ڌڪ کائڻ. نامراد ٿيڻ، ناڪامياب ٿيڻ، شڪست کائڻ.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal